جاکي ڪوٽ

جاکي ڪوٽ: هن ڪوٽ بابت مختلف محققن ۽ تاريخدانن جا مختلف رايا آھن. جتي به بندر ھوندو، اتي ڪوٽ ضرور ھوندو. اڳ ۾ سڀني بندرن تي ڪوٽ هئا. البيروني ھن کي لوھاڻي شھر وٽ، سمنڊ وٽ ٻڌائي ٿو. جتي سنڌو درياهه ۾ ٻه شاخون ٿينديون هيون. المسعودي ان ڪوٽ کي ديبل ۽ مھراڻ جي ڇوڙ جي وچ تي، ٻن ڏينھن جي پنڌ تي ڏسيو آھي. اليگزنڊر ھئملٽن لاھري ڪوٽ کان ٺٽي تائين مفاصلو چاليھه ميل بيان ڪيو آھي. ھيءُ چوڪور قسم جو ڪوٽ، ٻيٽ جي اوڀر پاسي ڊيلٽا ۾ جڙيل آھي، ھيءُ ڊيلٽائي ٻيٽ آهي، جتي هيءُ ڪوٽ جڙيل آهي. اهو اوڀر اولھه ۾ چار ڪلوميٽر ڊگھو ۽ اتر ڏکڻ ۾ ٻه ڪلوميٽر ويڪرو آھي. ڪوٽ جي ڊيگھه ۽ ويڪر 320 فوٽ آھي. ھي ڳاڙھين بٺيءَ جي پڪل سرن مان ٺاھيو ويو آھي. اوچائي ٻيٽ کان ڏھه فوٽ آھي. ڪوٽ جا برج ديوار کان چار فوٽ مٿي آھن. ڪوٽ کي ڏنل ديوار 9 فوٽ ويڪري آھي. سرون 10x10x2 ۽ 8x8x1/2 انچن جون استعمال ٿيل آھن. ڪوٽ جو دروازو اوڀر طرف کلي ٿو، جنھن جي ويڪر 15 فوٽ اٿس. دروازي جي سنڀال لاءِ ٻه برج ٺھيل آھن. ڪوٽ جي ڏکڻ- اوڀر ڪنڊ وٽ ھڪ عمارت جا آثار بيٺا آھن. ڪوٽ کي ڪل 12 برج آھن. جن جي شڪل بيضوي آھي. برج ڊيگھه ۾ 18 فوٽ ٻاھر نڪتل آھن، جيڪي ويڪر ۾ 15 فوٽ آھن. ٺڪراٺو ملي ٿو جن مان ٿانون جو وڏو تعداد نظر اچي ٿو. شيشي جا ٽڪرا به ملن ٿا. اڳئين زماني جا نقشا ڏسبا ته لاھري بندر، جاکي بندر سان ٺھڪي اچي ٿو. جاکي بندر جو ڪوٽ، ڊيلٽا جي ويجھڙائيءَ سبب رتي ڪوٽ سان مشابھت رکي ٿو. تنھن ھوندي به بناوت جي لحاظ کان ڪافي مختلف آھي. رني ڪوٽ ۾ حقيقي فوجي طرز جا برج آھن، جن جو تعداد 24 آھي. جڏھن ته جاکي ڪوٽ ۾ 12 برج آھن، جيڪي دفاعي نٿا لڳن. رني ڪوٽ ۾ فوجي ۽ دفاعي شيون ملن ٿيون، پر جاکي ڪوٽ کي دفاعي صلاحيت نه ھئڻ سبب ھڪ قلعي بند گودام چئي سگھجي ٿو. جتي واپاري پنھنجو قيمتي سامان رکندا ھوندا.



لفظ جاکي ڪوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو